جڳ شينهن پير جو مقبرو

جڳ شينهن پير جو مقبرو: هيءُ مقبرو ديھه درمحمد، تپي ڪڪڙ، تعلقي خيرپورناٿن شاھه، ضلعي دادو ۾ موجود آهي. ھيءُ رانڪ اٽڪل ھڪ فرلانگ انڊس ھاءَ. وي جي اوڀر ۾ ۽ ٻه ڪلو ميٽر دادو طرف ڪڪڙ شھر کان روڊ تي موجود آهن. جڳ شينھن پير جو مقبرو/ رانڪ ھڪ ڪمري تي مشتمل آھي جيڪا ٿورو عرصو اڳ جي ٺھيل ٿي لڳي. ڇت سڌي ٽيئرن ۽ گارڊرن سان ڏنل اٿس. عمارت چورس آھي، جنھن جي اوڀر جي طرف لنگھه آھي. اندر ٽي قبرون آھن. وچين قبر سندس، اوڀر واري سندس پٽ جي ۽ ٽين قبر جڳ پير جي استاد جي چون ٿا. روايتن موجب جڳ شينھن بلاولي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ھو. سندس اصل نالو يا ٻيو احوال ڪو نه ٿو ملي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو